لاهور – 19 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي گ??رنر چوڌري م??مد سرور سان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪراسد ق??صر ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پارلياماني، حڪومتي ۽ سياسي م??املن س??يت ٻين معاملن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پوليٽيڪل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب ميان ڪاشف اقبال ۽ پنجاب حڪومت جي سوشل ميڊيا فوڪل پرسن ميان انس اسلم ڊوله به موجود هئا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر سان ملاقات ۾ پنجاب جي گ??رنر چوڌري م??مد سرور چيو ته مخالف ڌر کي قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت پارليامينٽ س??يت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ادارن جي استحڪام سان ئي پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو، هن جو چوڻ هو ته الحمدالله پاڪستان جو تيزي سان اڄ دنيا ۾ اميج بهتر ٿي رهيو آهي.