اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان بلوچستان جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ ??صو??ي مراعتون ڏ??يون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پارليامينٽ ها??وس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهت?? بڻائڻ جي حوالي سان هدايتون ڏ??يون، سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان هڪ وڏو صوبو آهي، بجلي ورڇ جي نظام کي بهت?? بڻائڻو پوندو، بلوچستان جي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لاءِ ڌار بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.