اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان تعليمي اد??را کولڻ جي ??والي سان تجويزن غور هيٺ آهن تنهن هوندي به ان حوالي سان حتمي فيصل?? 7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ڪورونا وبا کان حالتون بهتر ٿيڻ جي ??ورت ۾ تعليمي اد??را پراڻي شيڊول تي اچي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ بهتر تجويزون اچي رهيون آهن، ڪووڊ – 19 جي ??ورتحال پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اها بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڃان به موجود آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي ??رورت آهي، ڪلاس?? جي سائز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃي، سماجي فاصلي، ماسڪ جو استعمال ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوتا وڃن، تعليمي اد??را کولڻ سان والدين ۽ استادن جي ??ميداري وڌيڪ وڌي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي ??حت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان اين سي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.