اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشميري هڪ آهن ۽ ڪڏهن جدا نه ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان جا احساس گڏيل آهن ۽ اسان گڏجي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا واضح طور تي ڏسي سگهي ٿي ته غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحيت مودي حڪومت هندوتوا جي ناڪامي جي عڪاسي آهي، صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ چيو ته انشاءُ الله ڪشمير ضرور ??زا?? ٿيندو. هن پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ هڪ ٽوئيٽ کي ٽيگ ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي يوم دفاع جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رح جي تصوير سان سندس فرمان ڇاپيو ويو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.