اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 625 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 15 م??يض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 31 هزار 697 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 689، پنجاب ۾ 11 هزار 722، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 765، اسلام آباد ۾ 2 هزار 228، بلوچستان ۾ هڪ هزار 93، گلگت بلتستان ۾ 601، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي مل?? ۾ ڪ??وڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 98 هزار 55 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??وڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ڪ??وڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ڪ??وڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 877 آهي. سڄي مل?? ۾ ڪ??رونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 13 هزار 431 آهي.