اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پرنس آف ويلز ش??زاده چارلس صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن انبن جو تحفو موڪلڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا ??هن. ايوان صدر جي ميڊيا آفيس موجب شهزاده چارلس صدر جي نا??ي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان جي بهترين انبن جو تحفو وصول ڪري خوشگوار حيرت ٿي، انبن جو تحفو موڪلڻ تي اسان توهان جا ٿورائتا آهيون.