اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايران جي صدر حسن روحاني جي وچ ۾ آذ??بائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ملاقات ٿي. هتي ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ايراني هم منصب سان خ??الن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته پاڪستان ايران کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 900 ڪلوميٽر کان وڌيڪ گڏيل سرحد آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ عوامي سطح تي رابطن سان ٻه طرفي دوستي بابت سگهه ملي آهي.