اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، دنيا ان جي ??اليسين کي تسليم ڪيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا ۽ انٽرنيشنل فورمن ۾ پڻ وزيراعظم جي ??يصلن کي پذيرائي ملي، تمام جلد عوام کي ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، وزيراعظم احتساب ??ي بيانيي تي اڄ به قائم آهي، بدعنوان عنصرن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي خلاف احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ??ي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي دولت ڦريندڙ ۽ معيشت کي تباهه ڪري ٻاهرئين ملڪ اثاثا ٺاهيندڙ قانون جي ??ڪڙ کان بچي نه ٿا سگهن.