ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هڪ ٻي جي قومي معاملن تي گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم عمر??ن خان سان آذربائيجان جي صدر الهام ??ليوف ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني ا??لا?? 2020ع جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل ٻه طرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي.