اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي سهارا، غريب ۽ لاچار ماڻهو رياست جي ذميواري آهن قرار ڏيندي ??دايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ پناهگاهون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان تازو ئي مقرر ڪيل وزيراعظم جي پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط ۾ وڌيڪ بهتري ۽ ايندڙ 12 مهينن ۾ پناهگاهن جي دائري جي سڄي ملڪ ۾ توسيع جي حوالي سان تجويز ??يل قدمن تي ڳ??لهه ٻولهه ڪئي وئي.