اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام ڊ??ڻ بدران رضاڪاراڻي طور تي احتياطي تدبيرون اختيار ڪري، ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا وائرس بابت نيشنل ڪ??آرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي مسئلي جي سنگيني جو احساس آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا.