اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر ??ظر??و تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان ??و مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، ع??رتن ۽ ٻارن جي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، ڪشميرين کي خو??اڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان محروم رکيو آهي.