اسلام آباد – 22 مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۽ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت ڪندڙ سمورن عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پ??هنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ عالمي اڳواڻن جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار جو تمام گهڻو ق??ر ڪ??ي ٿي ۽ انهن جي جذبن تي انهن جي ٿورائتي آهي.