اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف پارٽي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا رخ مختلف ۽ اختلاف کلي سامهون اچي ??ڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحريڪ ۾ زور پيدا ٿيڻ بدران مايوسي ۽ شڪست وارو ماحول اڀري ر??يو آهي، نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، مريم ۽ بلاول سميت سموري مخالف ڌر پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿي، مخالف ڌر ٻٽي معيار بدران فيصلو ڪري ته انهن کي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻي آهي يا ضمني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي، مولانا فضل الرحمان سدائين غيرجمهوري طريقا استعمال ڪيا انهي لاءِ اڄ ان جي پارٽي جي اهم اڳواڻن بغاوت جو عَلم بلند ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي ڪ??بينا ڇهين آدمشماري ۽ هائوسنگ سي??س 2017ع رپورٽ گڏيل مفادن واري ڪ??ئونسل جي حتمي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت، زرعي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ۽ سيڙپڪاري بورڊ ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي شموليت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪ??بينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي ر??يو هو.