اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ 87 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3179 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن. ني??نل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طر??ان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 74 ماڻهو اسپتال?? ۾ ??ڏهن ته 13 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي 4 وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي ل??اظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهر?? ۾ ??ڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 59 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 39 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 48 هزار 75 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 20 هزار 681، پنجاب ۾ 15 هزار 133، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 213، اسلام آباد ۾ 5 هزار 749، بلوچستان ۾ 337، گلگت بلتستان ۾ 373، آزاد ڪشمير ۾ 579 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 4 هزار 501 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪووڊ – 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ل??ءِ مختص وينٽيليٽرز تي 279 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 40 هزار 922 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 4 لک 54 هزار 673 آهي.