اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪست??ن تي اشرافيه ۽ ايليٽ گروپ قابض رهيا جنهن جي ڪري خطي ۾ اسان جو ملڪ پوئتي رهجي ويو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپوءِ اهڙيون حڪومتون آيون جنهن ادارن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، قانون جي عملداري ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن هوندي آهي، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناهي، هو ملڪ کي ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي جنهن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 سال جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي مشن ۾ هر هڪ کي پنهنجو ڪردا?? ادا ڪرڻو پوندو، مريم نواز ڪڌا حربا استعمال ڪري احتساب کان نٿي بچي سگهي، کيس گهرجي ته هو قانون جو احترام ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ کي ماڻهو نه پ?? ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪمرانن ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پي??لزپارٽي جي اڳواڻن اقتدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ پوئتي هلي ويو، شبلي فراز چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ وزير ڪاروبار ڪندا آهن اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم عمران خان جو ڪو ذاتي ڪاروبار نه آهي، ان جي ولوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن خالي خزاني ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، انهن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهڙا منصوبا لڳايا جنهن مان انهن ڪڪ بيڪس ۽ ڪم??شن حاصل ڪيا، موجوده حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگهي ته جئين هر ڪو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردا?? ادا ڪري سگهي،