اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته ??اڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل تاريخي، ثقافت، روايتن، عقيدن ۽ قدرن جو رشتو آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر چيو ته ??اڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، عقيدي ۽ قدرن جو رشتو آهي، صدر چيو ته ??اڪستان ڀائر ملڪ سعودي عرب سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، صدر عار?? علوي سعودي عرب ۾ رهندڙ ??اڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي نامزد سفير کي تاڪيد ڪئي ته ??و سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي.