اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي ق??ائلي ض??عن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻوله?? ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته ت??با??و جي آبادگارن کان ت??با??و جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خريداري نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت جي ق??ائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ق??من کي ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ض??عن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبائلي ض??عن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام سان قبائلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي ق??ائلي ض??عن جي نوجوانن کي ق??ض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اسپيڪر چيو ته نئين ض??عن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبائلي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.