اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ پ??ڪس??اني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ڀڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، افغا??ست??ن جي صورتحا?? جي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان جو ويجهو رابطو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ افغا??ست??ن جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم افغا??ست??ن جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحا?? جي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفارتخانن جي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پ??ڪس??ان انٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان اٽڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏني. هن وقت تائين پ??ڪس??اني سفارتخاني اٽڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي.