اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪس??ان افغانس??ان جي معاشي بهتري، انساني ريليف ۽ مدد ج?? لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو قطر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملاقات دوران افغانس??ان جي ترقي ۽ پاڪس??ان ۽ قطر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي قطر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. افغانس??ان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم زور ڏنو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان جي امداد انساني ريليف ۽ معاشي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته اها افغانس??ان جي عوام سان يڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانس??ان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشڊي ترقي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سان گڏيل مفاد ج?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قطر جي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪس??ان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي پاڪس??ان سان پنهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.