اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري م??ڪن ۾ زلزلي سبب تباهي ت?? افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان تباهي جي شدت دنيا ج?? اجتماعي ڌيان گهري رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري م??ڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جاني نقصان سبب ڏک آهي. متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفتن جي م??ابل?? لاءِ متحد نه ٿي ته ڪير به نه بچندو. هن چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر ملڪن جي عوام سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي ويلن جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وزير زخمين جي جلد صحتياب?? لاءِ دعا به ڪئي.