اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته پيمرا ترميمي بل 2023ع قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ رهيو ۽ اتفاق راءِ سان منظور ٿيو، اهو چوڻ درست ناهي ته هن بل جي تياري ۾ جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اهي ڪا معنيٰ نٿا رکن، سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولدرز سان بل تي ڊگهي مشاورت ٿي، بل جي ڪنهن به شق تي اعتراض آهي ته اوهان ت??ميم پيش ڪريو، پيمرا جو موجوده قانون پرويز مشرف جي دور جو ڪارو قانون آهي جيڪو اسان سڀني ڀوڳيو آهي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، 2002ع جي قانون ت??ت پيمرا جو چيئرمين ڪنهن به چي??ل کي بند، معطل يا لائسنس رد ڪري سگهي ٿو، هاڻي اهو اختيار ڪائونسل آف ڪمپلينٽ وٽ هوندو جنهن ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو، اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جا ميمبر 7 آگسٽ تائين پنهنجون ت??ميمون پيش ڪندا، ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چي?? ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ هي بل بحث هيٺ رهيو، ٻنهي اتفاق راءِ سان انهن جي منطوري ڏني، اهو چوڻ درست ناهي ته ان قانون تي جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اها ڪا معنيٰ نٿا رکن، هن قانونن تي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ٿي، سموريون لاڳاپيل ميڊيا تنظيمون هن بل ۾ شامل رهيون، هن چي?? ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، هن بل تحت ميڊيا هائوسز ٻن مهينن اندر سموريون بقايائون ادا ڪرڻ جون پابند هونديون، خلاف ورزي ڪندڙ ميڊيا هائوسز کي هڪ ڪروڙ روپين ت??ئين ڏنڊ ٿي سگهندو جڏهن ته پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، هن چي?? ته پيمرا چيئرمين جي سليڪشن جي باري ۾ به مڪمل طريقيڪار ڏنو ويو آهي، وفاقي وزير چي?? ته نيوز پيپر ملازمن لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، هن پليٽ فارم ذريعي اسان ميڊيا مالڪن کان 14 ڪروڙ روپيا رڪوري ڪري نيوز پيپرز ملازمن کي پگ??ار?? جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چي?? ته ميڊيا ورڪرز لاءِ اهڙو ڪو به پليٽ فارم موجود نه هو، کين ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت جو حق ڏنو ويو آهي، هن چي?? ته هن بل تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته ميڊيا هائوس ٻن مهينن اندر پنهنجي ملازمن جون سموريون بقايائون ڪليئر ڪندا، هن چي?? ته اهو درست ناهي ته هائوسز کي پگ??ار?? جي ادائيگي ٻن مهينن ۾ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ٻن مهينن جي شرط سمورين بقايائن جي ادائيگي جي باري ۾ آهي. هن چي?? ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگ??ار?? کي حڪومتي بزنس سان جوڙيو ويو آهي جيڪڏهن ڪو ميڊيا هائوس ٻن مهينن ۾ سموريون بقايائون ڪليئر نٿو ڪري ته ان جا اشتهار جاري نه ڪيا ويندا ۽ خلاف ورزي تي انهن تي هڪ ڪروڙ روپين ت??ئين جو ڏنڊ به لڳي سگهندو، هن چي?? ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي اپيل ۽ درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو آهي، ڪميٽي جي ميمبر عرفان صديقي پڇاڻو ڪيو ته ميڊيا ورڪرز کي پگ??ار?? جي وقت سر ادائيگي ڪهڙي طرح يقيني بڻائي ويندي؟ هن چي?? ته ميڊيا هائوسز کي پابند ڪيو وڃي ته هو هر مهيني پگ??ار?? جي ادائيگي بابت پنهنجي اسٽيٽمنٽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ جمع ڪرائين، جنهن تي وفاقي وزير چي?? ته حڪومتي بزنس کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگ??ار?? جي ادائيگي سان ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن ميڊيا هائوسز پگ??ار??ن ادا نه ڪندا ته کين اشتهار جاري نه ڪيا ويندا، هن چي?? ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت ڪندڙ جو تعلق جنهن شهر سان هوندو ان شهر جي ڪورٽ مان اسٽي ورتو ويندو، شڪايت ڪندڙ جي درخواست خلاف ڪنهن ٻي جي شهر جي ڪورٽ مان اسٽي نه ورتو ويندو، هن چي?? ته پيمرا آرڊيننس 2002ع پرويز مشرف دور جو ڪارو قانون آهي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ جلد بازي يا تڪڙ کان ڪم نه ورتو ويو، هن بل جي تياري تي ڊگهي مشاورت ٿي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ ورتو ويو. هن چي?? ته پيمرا جو موجوده قانون صرف هڪ ماڻهو کي اختيار ڏي ٿو ته هو جيڪو چاهي ڪري، هي هڪ اهڙو ڊريڪونين قانون آهي جيڪو اسان ۽ اوهان ڀوڳيو آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صحافين جي اعتراضن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چي?? ته اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان هڪ موقف ٻڌو، اوهان ٻڌايو ته هن بل ۾ ڪهڙيون غلطيون آهن، اوهان ت??ميمون پيش ڪريو، پيمرا (ترميمي) بل 20 ڏينهن ت??ئين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو آهي، ان تي قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث ٿيو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽ، پيمرا چيئرمين جي مقرري ۽ ٻن مهينن جي پگ??ار?? جي ادائيگي بابت اعتراض آهن ته اهي ختم ڪري سگهجن ٿا، اجلا س ۾ ڪميٽي جي ميمبرن چي?? آهي ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي اعتراض ڪندڙن پنهنجون ت??ميمون پيش نه ڪيو، ٿيڻ ته ائين ته گهرجي ها ته اهي پنهنجون ت??ميمون پيش ڪن ٿا، ان موقعي تي ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد چي?? ته بل تي ٻنهي ڌرين جو موقف وٺڻ ضروري هو جيڪڏهن تقابلي نوٽس ملن ها ته ان جو جائزو ورتو وڃي ها، هي هڪ سنجيده ۽ اهم آهي، سينيٽ ۾ به ان تي بحث ڪيو ويندو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 آگسٽ تائين ڪميٽي جا ميمبر پيمرا بل تي پنهنجون ت??ميمون پيش ڪندا.