اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ارسطو بڻجي ليڪچر ڏيندڙن معيشت جو ٻ??ڙو ٻ??ڙيو، 3 ڏهاڪن تائين اقتدار ۾ رهندڙن جي منهن مان پاليسين جي تسلسل ۾ ناڪامي جي ڳالهه کل جوڳي آهي، ڪاش م??ڪي معيشت جو فڪر انهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ به ڪيو هجي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته (ن) ليگي قيادت پاڻ پنهنج?? جان، مال سميت پرڏيهي ملڪ وڃي چڪي آهي، سيا??ي ساهه جاري رکڻ لاءِ پارٽي جي ٻي درجي جي اڳواڻن کي سيمينار ڪرائڻ جي نوڪري تي لڳا??و ويو آهي