اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسپين جي پرڏيهي وزير ارنچا گونزيلز لايا کي ٽيليفون ڪيو ۽ ڪورونا وائ??س جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ڪورونا سبب اسپين ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن وبا تي ضابطي لا??ِ اسپين جي ح??وم?? طر??ان کنيل بروقت قدمن ۽ ان چئلينج کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيڻ تي اسپين جي هيلٿ ورڪرز جي قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان کي اهو ڏسي تمام خوشي ٿي آهي ته اسپين ?? رهندڙ هڪ لک جي لڳ ڀڳ پاڪستاني هن مشڪل گهڙي ۾ اسپين جي عوام سان گڏ بيٺل آهن.