اسلا?? آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومت پاران اعلان ڪيل اقتصادي پئڪيج تي عملدرآمد جي جائزي لاءِ اج??اس ٿيو. اج??اس دوران ڪورونا وائرس جي وبا دوران اقتصادي پئڪيج ۾ فنڊن جي تخصيص ۽ انهن فنڊن کي ننڍي ڪاروباري ما??هن تائين پهچائڻ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.