اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ترڪيءَ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فتح الله گولن دهشتگرد تن??يم جي حوالي سان ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهي ۽ فتح الله گولن دهشتگرد تن??يم (ايف اي ٽي او) پاران ترڪيءَ کي ??ر??يش?? خطرن جي خاتمي لا??ِ ترڪيءَ جي هر قدم جي ڀرپور معاونت لا??ِ سمورا قدم کنيا ويندا. ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيءَ جي جمهوريت ۽ قومي ڏينهن جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.