اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو دائري ڪار بلوچستا??، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين وڌايو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي کي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني وئي، صدر عارف علوي کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر ميجر جنرل ريحان عبدالباقي، سپارڪو جي چيئرمين ميجر جنرل عامر نديم، ايس پي ڊي جي ڊائريڪٽر برگيڊيئر عبدالرحمان عارف شرڪت ڪئي.