چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو ??هي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتست??ن خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پن بجلي جي پيداوار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بجي پيدا ٿيندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمر??ن خان چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿيون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿيون، مشڪل فيصلا ڪن ٿيون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ??رڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن چيو ته انصاف جي فراهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌيان ڏيندڙ قومون ترقي جون منزلون طئي ڪن ٿيون ۽ اهي ظلم ??ان آزاد ٿي وڃن ٿيون.