اسلام آباد – 29 جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڏس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوا?? کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شامل هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي گورنر وزيراعظ?? کي ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪر?? پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوا?? کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.