اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل ذميداري آهي ته هو ڀارت کي پنهنجون عالمي ذميداريون پوريون ڪرڻ جو پابند بڻائين، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته ڀارت کي خطي ۾ عدم استحڪام جي لاءِ رياستي دهشتگردي جي استعمال کان روڪيو و??ي، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي مجبور ڪيو و??ي، پاڪستان ڪشميري عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بي??ل هوندو ۽ انهن جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ٿيڻ تائين هر ممڪن حمايت جاري رکندو. يوم سياهه ڪشمير جي مو??عي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان اهو ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي طور تي ملهائي رهيا آهيون.