اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اولهه دنيا خاص طور تي يورپ پاران اسان جي پياري نبي صه جي گستاخانا خاڪن ذريعي حملن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جي ڏس ۾ مسلمان امت ۾ ڳڻتي وڌندي پئي وڃي، اولهه دنيا کي سمجهڻو پوندو ته مسلمانن کي برابر عزت ڏيڻي آه??، اسان جي عقيدي ۽ پيغمبر اسلام جي شان ۾ گستاخي هر??ز قبول نه آه??، مسلمان اڳواڻن کي اسلامو فوبيا جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف مسلمان ملڪن جي سربراهن کي لکيل خط ۾ ڪيو.