لاهور – 17 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته پاڪستان هڪ مهذب ملڪ آهي، قوم کي جنهن نئين پاڪستان جي نويد ٻڌائي وئي هئي هاڻي اهو ٺهندي نظر اچي رهيو آ??ي، هر شيءَ اولهه کان سکڻ جي ضرورت نه آهي، اسلام ۾ زندگي جا سڀئي سنهري اصول موجود آهن، سڀئي شاگرد مبارڪباد جا مستحق آهن، توهان جيڪي ڊزائينگ جا هنر سکيا ??ن جي گهرج سڄي دنيا ۾ آهي ان اداري جو مقصد پاڪستان جي شين جي ويليو ايڊيشن ڪرائڻ آهي، ڪنهن شيءَ کي خوبصورت رنگ ۾ وجهڻ، آئيڊياز ڏيڻ ۽ سٺي طريقي سان وڪرو ڪرڻ اهو هنر آهي، ڪووڊ – 19 ۾ دنيا ??مجهندي هئي ته پاڪستان ۾ ان بيماري جي پکيڙ سڀ کان و??يڪ هوندي، الله جو شڪر آهي جو پاڪستاني عوام احتياطي تدبيرن ۽ حڪومتي حڪمت عملي جي ڪري ان بيماري تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آ??ي، ??و پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائينگ ۽ ڊزائين جي ٽئين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو.