چنيوٽ – 17 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام ۾ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آهي، پاڪستان ۾ نه رڳو فلاحي ڪمن تي وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي آهي پر مديني جي رياست جي حقيقي تصور جي روشني ۾ سرندي وارا ۽ سخي ماڻهو دل کولي الله جي راهه سميت صحت، تعليم ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ ان??انيت جي ڀلائي ۽ دکي ماڻهن جي خدمت لاءِ خرچ ڪندا آهن، جنهن جو اجر الله تعاليٰ کين نه رڳو هن دنيا ۾ وسيع رزق عطا ڪري ڏيندو آهي پر آخرت ۾ به ان جو بي حد ثواب آهي. ان??من اسلاميه پاڪستان جي اهتمام هيٺ چنيوٽ ۾ قائم ڪيل ويلفيئر ڪامپليڪس، اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولتن سان موجود اکين جي اسپتال ايل آر بي ٽي جي افتتاح ۽ صداقت ماڊل اسڪول ۾ ان??ام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستاني ان??هائي کليل دل ۽ وسيع ظرف رکندڙ مهمانواز قوم آهي، جنهن 35 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏنو جڏهن ته دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪ جيڪي هر وقت اسان کي ان??انيت ۽ اخلاقيات سميت هيومن رائيٽس جو درس ڏيندا آهن ۽ نصيحتون ڪندا آه?? انهن 100 افعاني وٺڻ کان به انڪار ڪيو پر ا??ڙا ا??ڙا قانون ٺاهيا ته ڪو به افغان پناهگير سندن ملڪ ۾ داخل نه ٿي سگهي، صدر چيو ته چنيوٽ جي شيخ برادري اسپتال، اسڪولز، ڪاليجز ۽ ٻيا فلاحي ادارا قائم ڪيا جنهن جي ڪم ڪرڻ ج??ان??از به بي مثال آهي، هن چيو ته هي پاڪستاني قوم آهي جنهن 2005ع کان تباهي آڻيندڙ زلزلي کان وٺي ڪورونا وائرس جي تازي عالمي وبا جي دوران ايثار واري جذبي تحت پاڻ وڌي چڙهي متاثر ماڻهن جي مدد ۽ انهن جي بحالي جو بار کنيو، جنهن جو سڄي دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، اهو ئي نه پر ٻوڏ هجي يا ٻي قدرتي آفت پاڪستاني سدائين پنهنجا وسيلا ۽ تن من ڌن سان قومي خدمت جي جذبي ۽ الله جي رضا خاطر اڳيان اڳيان رهيا آهن.