اسلام آب??د – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي قيام سان پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي کي فروغ حاصل ٿيندو، سيالڪوٽ ايئرپورٽ نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ايئرپورٽ آهي، حڪومت ڪورونا ائرس جي وبا جا هوابازي جي شعبي تي منفي اثرن کان چڱي ريت آگاهه آهي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي انتظاميه جي وفد جي چيئرمين ميان نعيم جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.