اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي ??بديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ??اح??ل کي آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي ??ملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ذريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي ??بديلين بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب، ??اڻ?? وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائوس گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي ??ڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي اضافي جي شرح معمول جي طئي ڪيل هيٺين سطح کان 9 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کان به هيٺ آهي. اها ??اح??ل دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وزيراعظم جي موسمياتي ??بديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي شرح ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي دوران اها گهٽتائي ساليانو 12 هزار هي??ٽرز کان گهٽ ٿي 8 هزار هي??ٽرز تي ??چي وئي آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ س??ڪڙو کان به گهٽ آهي.