اسلام آباد – 25 – مئي (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحريڪ انصاف جي چونڊ سڌارن جو اهم حصو آهي، ا??ورسيز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي، ا??ورسيز پاڪستانين کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن قدم کڻي، وفا??ي ڪابينا ڪورونا سان مقابلي لاءِ بوسنيا کي طبي امداد ۽ دوائون موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفا??ي ڪابينا جي اج??اس کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفا??ي ڪابينا جي اج??اس ۾ وڌيڪ معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته اڄ ڪابينا جو اج??اس پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون پيپر ليس اج??اس هو.