اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهستي آهستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري رهي آهي، حڪومت ملڪ مان بدعنواني، غربت، بيروزگاري جي خاتمي، غريب ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن جي لاءِ وڙهندي رهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چ??و ته انهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ??لا??ي ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، خودغرض مخالف ڌر ر??و ڦريل دولت ۽ پنهنجي ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کي اهو سم??هڻ گهرجي ته مستقبل ۾ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جا اهي دير وارا حربا ڪم نه ڪندا. فرخ حبيب سنڌ حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چ??و ته سنڌ حڪومت ترقي جي نالي تي وفاق کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوبي جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي جي سم??جي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چ??و ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته ان بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوبي جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن بڻائي ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير چ??و ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي ??ني??دي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.