اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پر??گا?? جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي، پر??من ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ امان ضروري آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پر??گا?? جي پرڏيهي وزير آگستو سينطوس سلوا سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل قومن جي فورم تي ٻنهي ملڪن جي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پر??گا?? سان پاڪستان جي گڏيل لاڳاپن، خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ پر??گا?? جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوال?? سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي زور ڏنو ته پر??من ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن امان ضروري آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغانستان سان رابطن جي ذريعي مثبت قدمن کي يقيني بڻائي ته جيئن افغان عوام جي ضرورتن موجب انساني بنيادن تي ان جي مدد ڪري سگهجي ۽ افغانستان کي معاشي تباهي کان محفوظ رکي سگهجي. هن افغانستان سان سفارتي عملدارن ۽ عالمي ادارن جي عملي جي محفوظ نڪرڻ جي حوال?? سان پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو، هن پر??گا?? جي پنهنجي هم منصب کي ڀارت جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جنگي ڏوهن، انسانيت جي خلاف ڏوهن، نسل ڪشي ۽ ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل قراردادن ۽ عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزين جي حوال?? سان عالمي برادري کي فراهم ڪيل ثبوتن تي مشتمل ڊوزيئرز جي باري ۾ به ٻڌايو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ پر??گا?? جي گڏيل رابطن سميت اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش جو به اظهار ڪيو.