اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم مقامي حڪ??متن جي مضبوط نظام تي يقين رکي ٿو، بااختيار بلدياتي حڪ??متن جو نظام پاڪستان جي مسئلن جو حل آهي، آرٽيڪل 140 اي لاڳو نه ٿيڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي، لوڪل گورنمينٽ نظام نه هجڻ جي ڪري صوبن جا پئسا برابري جي بنياد تي ضلعن ۾ خرچ ناهن ٿيندا، جديد جمهوريت ۾ هيٺ کان مٿي طرف ڏسڻو پوندو، اسان جي شهرن ۾ بينادي مسئلو گورنننس جو آهي، جيستائين اسان پنهنجي سوچ نه بدلائينداسين ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، صوبن ۾ پروونشل فنانس ڪميشن ايوارڊ نه هجڻ جي ڪري ضلعن ۾ شڪايتون اينديون آهن، اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي حڪ??متن جي حوالي سان قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاع??ت واري وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته مقامي حڪ??متن جي مضبوط نظام کانسواءِ ملڪ جو نظام ٺيڪ نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته تاريخ کي ڏ??ون ته مطلق العنان بادشاهت کان جمهوريت طرف سفر آهستي آهستي طئي ٿيو، 1216ع کان 1226ع تائين ميگنا ڪارٽا جي دور کانپوءِ جديد جمهوريت سامهون آئي، هندستان ۾ 1857ع تائين آزادي جي جنگ ٿي، ان وقت بادشاهه کي ذي السبحاني چيو ويندو هو، حڪ??مت ۽ ماڻهو ذي السبحاني طرف ڏسندا رهندا هئا، اطلاع??ت واري وزير چيو ته 16 هين ۽ 17 هين صدي ۾ جديد جمهوريت آئي، بل آف رائٽس منظور ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته ٽيڪس جو پئسو بادشاهه پنهنجي مرضي سان خرچ نه ڪري سگهندو، ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار چونڊيل نمائندن کانسواءِ ممڪن نه هوندو، ٽيڪس ان وقت لڳندو جڏهن عوام جا چونڊيل نمائندا اجازت ڏيندا. ان جمهوريت جو آغاز 17 هين صدي کان برطانيه جي پارليامينٽ مان ٿيو، اهڙي طرح بادشاهه جا اختيار گهٽ ٿيندا ويا. هن چيو ته مقامي حڪ??مت جي نظام جي جديد شڪل ۾ عوام بااختيار ٿيندي وئي، جديد جمهوريت ۾ هيٺ کانم ٿي طرف ڏسڻو پوندو، ان جي لاءِ مقامي حڪ??متن جو نظام ئي بهترين نظام آهي. ان جو چوڻ هو ته 2006ع ۾ مقامي حڪ??متن جو نظام شروع ٿيو ته ان ۾ هڪ خامي اها هئي ته صوبن جا اختيارن ته منتقل ڪيا ويا پر وفاق جا اختيار منتقل نه ڪيا ويا، صوبن جي تمنا رهجي وئي ته انهن وٽ ڪجهه ناهي، پوءِ 18 هين ترميم تحت صوبن ک?? منتقل ٿيندڙ اختيار هيٺ کان مٿي منتقل ڪيا ويا، اهڙي طرح اختيارن جي منتقلي جو جيڪو فائدو ٿيڻ گهربو هو اهو نه ٿي سگهيو. هن چيو ته گورننس ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آرٽيڪل 140 اي تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي، ان آرٽيڪل (140 اي) تحت سڄي پاڪستان مان ٽيڪس گڏ ٿي وفاق وٽ ايندو آهي ۽ وفاقي حڪ??مت پاران 60 سيڪڙو ٽيڪس صوبن ڏانهن هليو ويندو آهي، 23 سالن ۾ صرف پنجاب کي تقريبن 2300 کان 2400 ارب منتقل ٿيا، سنڌ کي تقريبن 1700 ارب روپيا ويا، بلوچستان جي آبادي فيصل آباد ڊويزن جي آبادي جي لڳ ڀڳ آهي، ان ک?? تقريبن 700 ارب روپيا ويا، اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 900 کان 1000 ارب روپيا ويا، هن چيو ته مقامي حڪ??متن جي سڀ کان وڏي مخالفت چيف منسٽرز طرفان اچي رهي آهي. هن چيو ته هڪ مسئلو اهو درپيش آهي ته وفاقي حڪ??مت کان پسئو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ چيف منسٽر آفيس ۾ ڦاسجي ويندو آهي، ٻي مرحلو اهو آهي ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز راضي ئي نه آهن ته هو پوليس، ٺيڪيدار ۽ پٺواري کان مٿانهين سوچ رکن. هن چيو ته جيستائين اسان پنهنجي سوچ نه بدلائينداسين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته سنڌ مان هڪ طرف 1700 کان 1800 ارب روپيا اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ ڏنا ويا پر ڪراچي ۾ سنڌ حڪ??مت هڪ روپيو خرچ ناهن ڪندي اتي جا ماڻهو چون ٿا ته اسان پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو آهي، وفاقي حڪ??مت 1100 ارب روپيا ڪراچي ۾ لڳايا، هن چيو ته اسلام آباد کان ويهي ڪراچي جا مسئلا ڪهڙي طرح حل ڪري سگهجن ٿا، ان جو واحد حل مقامي حڪ??متن جو نظام آهي، هن چيو ته هن وقت اين ايف سي ايوارڊ تحت پئسا صوبن ۾ ورهايا ويندا آهن پر صوبن ۾ پروونشل فائنانس ڪميشن ايوارڊ ئي ناهي هوندو، خيبرپختونخوا ۾ هڪ نظام جوڙيو ويو پر باقي ٽنهي صوبن ۾ پروونشل فائنانس ڪميشن ايوارڊ نه ٿي رهيو آهي، ان سان ضلعن جي طرفان شڪايتون اينديون آهن، هن چيو ته ماضي ۾ شهباز شريف اين ايف سي ۾ ملندڙ پنجاب جو وڏو حصو صرف لاهور تي خرچ ڪري ڇڏيو. 260 ملين ڊالر صرف لاهور ٽرين تي لڳائي ڇڏيا، ان جو ڀاڙو به پورو نه ٿي رهيو، جهلم، ليه، چڪوال جي حصي جا پئسا لاهور ۾ ڏنا پئي ويا، هن چيو ته ايران تي پابندين جي باوجود تهران ساليانو 500 ملين ڊالر پنهنجي ماڻهن تي خرچ ڪندو آهي، اهڙي طرح ممبئي هڪ ارب ڊالر ساليانو گڏ ڪندو آهي، اطلاع??ت واري وزير چيو ته اسان جي شهرن ۾ بنيادي مسئلو گورننس جو آهي، هن جو چوڻ هو ته مقامي حڪ??متن جو هڪ مضبوط نظام پاڪستان جي آئين جي ڊمانڊ آهي، پاڪستان جي ماڻهن جي مسئلن جو حل مقامي حڪ??متن جي نظام ۾ آهي. مستقبل جي ان نظام جي لاءِ پاڪستان جي هر سياسي شعور رکندڙ ماڻهن ک?? ڪوششون ڪرڻ گهرجن.