اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيٽ مان جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي منظوري تي ورڪنگ جرنلسٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان بل سا?? صحافين کي پهريون ڀيرو اهڙا حق حاصل ٿيندا جيڪي رڳو انتهائي ترقي يافته معاشرن ۾ صحافين کي حاصل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو قانون عمران خان حڪومت جي صحافتي آزا??ين سان وابستگي جو اظهار آهي. هن انساني حقن واري وفاقي وز??ر شيرين مزا??ي جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو آهي ته شيرين مزاري منهنجي درخواست تي ان آئيڊيا کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ان قانون تي عملدرآمد صحافين ۽ انهن جي ڪم کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي زند??ين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.