اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان رشين فيڊريشن جي ??در ولادي مير پيوٽن جي ??عوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ڏينهن جي ??رڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوندو. پرڏيهي آ??يس جي ??رجمان موجب وزيراعظم عم??ان خان روس جي ??در ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائ?? آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي هڪ جهڙن نظرين جي ??نياد تي قائ?? آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران توانائي جي ??عبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي ??ورتحال سميت ا??م علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آ??يس موجب وزيراعظم عم??ان خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.