اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي قرارداد جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آ??ي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي. سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم اها قرارداد پيش ڪئي جڏهن ته مملڪتي وزير علي محمد خان قرارداد پڙهي ٻڌائي، قرارداد ۾ چيو ويو آ??ي ته سينيٽ پاڪستاني عوام جي جذبن جي عڪاسي ڪندي يوم يڪجهتي ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي عوام ۽ هيروز کي اسلام پيش ڪري ٿو، قرارداد ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو آ??ي ته ڀارتي حڪومت انهن غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي جيڪي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير بابت گڏيل قومن جي قراردادن جي سنگين ورزي آهن. قرارداد ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورين، جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن بابت عالمي قانونن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي وئي آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هن وقت تائين سوين بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ۽ گرفتار ڪيو ويو آهي، قرارداد ۾ خبردار ڪيو ويو آ??ي ته ڀارت جي بدترين رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي حق، خودمختياري واري حق جي جدوجهد جي جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي، اها آزادي جي جدوجهد ڪشميرين ۾ مقبول، مقامي سطح جي ۽ وڏي پئماني تي موجود آهي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آ??ي ته ڀارتي وزيراعظم ??ودي ۽ ان جي فاشسٽ پارٽي آر ايس ايس جنهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي دهشت طاري ڪري رکي آهي ۽ بي رحماڻي ظلمن ۾ ملوث آهي، ان کي انسانيت جي خلاف ڏوهن تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. قرارداد ۾ ڀارتي حڪومت تي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ تلاشي ۽ گهيراءُ جي ڪاررواين جي دوران جعلي مقابلي ۾ ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهين قتل کي بند ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. قراراداد ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ آبادي جو تن??سب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي حڪومت جي غير قانوني قدمن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ سمورين سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آ??ي ته عالمي برادري ڀارت جي ڪشميرين تي ظلمن سميت نسل ڪشي جي خطرن جو نوٽيس وٺي جيڪو هاڻي عالمي سطح تي دستاويزي شڪل ۾ موجود آهن، قرارداد ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي آ??ي ته عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺندي. قرارداد ۾ حڪومت پاڪستان، پارليامينٽ ۽ عوام پاران ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن کي يقين ڏياريو ويو آ??ي ته اسان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪ??ميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي حل تائين انهن جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهنداسين. هي ايوان ڪشميري عوام جي انهن جي پيدائشي حق، خودمختياري جي ڀرپور حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، ان کانپوءِ سينيٽ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن ۽ پاڪستان ۾ قائم غير ملڪي سفارتخانن ڏانهن موڪلي ويندي.