اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. سينيٽ س??ڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حو??لي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ع??ا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي به اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ??ندي الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.