اسلا?? آباد – 24 فيبروري (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نور مقدم قتل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار کي مثالي سزا ملڻ خ??ش آئنده آهي، اه?? فيصلو اهڙن درندن ڏوهارين جي لاءِ عبرت جو نشان ثابت ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ جي ٻين عدالتن ۾ به اهڙي نوعيت جي ڪيسز جو تيز ترين ٽرائل ٿيڻ گهرجي ته جيئن ذميوار ڪيف?? ڪردار تائين پهچي سگهن.