لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي حوالي سا?? پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ???دي انڊين ايڪسپريس“ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته فلپائن اها وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇو ته هو ڀارت سا?? براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، فلپائن جي صدر روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ايس ڪمارن ??ي ان سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀارتي سفير فلپائن جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل س??ٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به فلپائن جي لاڳاپيل عملدارن سا?? شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي سرزمين ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ ميزائل جي ساخت ته ڪو به سرڪاري بيان سا??هون نه آيو آهي ۽ فلپائن جي پريشاني جو اهو ئي سبب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سا?? 28 جنوري تي فلپائن ڀارت سا?? براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي اين پي او ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، فلپائن سا?? ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پي?? وڃي ته اهو انڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ???دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن اننٿاسيٽر جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته فلپائن سا?? شروعاتي معاهدو گذريل س??ل مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سا?? جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مارچ جي رپورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي حوالي سا?? ٻڌايو ويو ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي عهدي جي برابر آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلطي جي بنياد تي فائر ٿيو هو.