ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان سان تعلق رکندڙ ميمبرن ۽ عهديدارن وقتي صدر جمال شاهه ڪاڪڙ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. شرڪت ڪندرن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بلوسچتان جي ترقي کي حڪومت جي اولين ??رجيحن ۾ شامل ڪرڻ تي خراج تحس??ن پيش ڪيو. وزيراعظم پارٽي عهديدارن کي پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ هيٺئين ??طح تي مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.