اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي ??اڪ??تان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين جي سزائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل ??ڌا??ن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاران اعلان ڪيل جيل ??ڌا??ا ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي ??عاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي ??وثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي ??ورو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي ??ڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قيدين کي ??نرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن.