اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ??ه عمران خان کي اين آر او نه ملندو، ڌمڪي ۽ ڊڪٽيشن ڏيندا ته انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، عمران خان سئو سال به تياري ڪري وٺي عوام کيس رد ڪري چڪي آه??، موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، چُونڊُون آگسٽ 2023ع ۾ ٿينديون، عمران خان ان وقت تائين انتظار ڪري، عمران خان جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، عمران خان جي ذهني حالت ڳڻتي جوڳي آه??، هو سڪون جي گوري کائي بني گالا ۾ آرام ڪري، پاڪستان جي عوام کي به سڪون ۾ رهڻ ڏي ۽ اسان کي به سڪون سان پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪرڻ ڏي.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان تي جڏهن سڪون جي گوري جو اثر ختم ٿيندو آه?? ته هو وري ٽي وي اسڪرين تي نمودار ٿيندو آه??، کيس مشورو آه?? ته ذهني حالت ۾ کيس اسڪرين تي نه اچڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن چار سال عمران خان پنهنجو منهن بند رکي ها، پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪري ها ته اڄ کيس پنهنجي ناڪامي جو ماتم نه ڪرڻو پئي ها، چار سالن تائين هو اقتدار ۾ هو، هو عوام کي رليف ڏئي سگهيو پئي، اڄ عوام ان کان پڇي ٿي ته هن چئن سالن ۾ عوام لاءِ ڇا ڇا ڪيو آه?? جو توهان اڄ وري اقتدار چاهيو ٿا. هن چيو ??ه عمران خان چ??ي ٿو ته جيڪڏهن کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه ملي ته هو ٻيهر اليڪشن ڪرائيندو، ڇو؟ توهان کي عوام رد ڪري چڪي آه??، توهان عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر نه ڏئي سگهيا، ملڪ مان ڪرپشن ختم نه ڪري سگهيا، نه ڪو رستو، اسپتال يا يونيورسٽي ٺاهي، نه ملڪ کي مديني جي رياست ٺاهي، ته توهان کي ٻيهر اقتدار ڇو گهرجي، ڇو پاڪستان جي عوام توهان تي هڪ دفعو ٻيهر اعتبار ڪري؟ وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان ماڊل ٽائون فيصلي ۾ ڪو ابهام يا اعتراض هو ته هو چار سال وزيراعظم هو، بزدار صاحب پنجاب جو وڏو وزير هو، ڇو ان شيءَ کي ڇڏي ڏنو ۽ اڄ توهان پنهنجي ناڪامي جو ماتم ڪرڻ ٽي وي تي اچي ويندا آه??و، هن چيو ??ه عمران خان پرامن ڪال جو اعلان ڪيو هو ته پوءِ هٿيار ۽ ڏنڊا ڇو جمع ڪيا، ڇو تشدد ڪيو ويو، ان جي اح??جاج ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿيو جنهن جا پنج ٻار هئا.
مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان جي 2014ع جو ڌرڻو عوام کي ياد آه?? جڏهن پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا ويا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ??ه عمران خان ايڇ نائن اچي جلسو ڪري پر هي ايترا ناڪام هئا جو ايڇ نائن گرائونڊ ۾ هڪ جلسي تائين نه ڪري سگهيا. هن چيو ته اسان چار سالن تائين عمران خان جي بدبودار اح??ساب ۽ سياسي انتقام کي منهن ڏنو، پي ڊي ايم تحت ۽ پارٽي جي سطح تي به اسان جلسا ڪيا ۽ ريليون ڪڍيون پر ڪڏهن ڪنهن جي نقصان نه پهچايو، هڪ ڪونڊي تائين نه ٽٽو، هن چيو ??ه عمران خان 2014ع ۾ پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ تي حملو ڪيو، پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا، سول ن??فرماني جون تحريڪون هلايون، هن پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي جون مبارڪون به ڏنيون، ان وقت جي چونڊيل وزيراعظم کي گهلڻ جا اعلان ڪيا، عوام ڪيئن ان جي ڳالهين کي وساري ڇڏي. هن چيو ??ه عمران خان خوني مارچ جو اعلان ڪيو، جڏهن سپريم ڪورت جو فيصلو آيو ته هن ميٽرو بس اسٽيشن ساڙيون، وڻن کي باهه لڳائي، ڊي چوڪ تي ٽائر ساڙيا، هن چيو ته سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، هٿيار جمع ڪري اح??جاج ڪرڻ، گوليون ۽ ڏنڊا جمع ڪري اح??جاج جو سڏ ڏيڻ ڪو جمهوري حق نه آه??. هن چيو ??ه عمران خان پنهنجي ماڻهن کي رستن تي جمع ڪيو ۽ پاڻ هيليڪاپٽر ۾ گهمندو رهيو، خيبرپختونخوا جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي 35، 35 لک روپيا ڏنا پر اهي 35 هزار ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان چ??ي ٿو ته سندس تياري نه هئي، جيڪڏهن سندس تياري نه هئي ته هو ڇا ڪرڻ آيو هو، ان جي تياري هٿيار جمع ڪرڻ هئي، هن چيو ??ه عمران خان اڄ عدليه تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آه??، ميڊيا ان جي خلاف ڳالهائي ته ميڊيا جي خلاف ٿي ويندو آه??. هن چيو ته جڏهن توهان رياست تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندا ته ان جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ??ه عمران خان هاڻي سئو سال به تياري ڪري وٺي، سئو سال منٿون ڪري وٺي، ڪوڙ ڳالهائي، پاڪستان جي عوام ان سان گڏ نه آه??. وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان چار سال حڪومت ڪئي ۽ ناڪام ٿيو، هن چار سالن تائين ڪوڙ ڳالهايو، سياسي مخالفن تي الزام لڳايا پر ڪو الزام ثابت نه ڪري سگهيو، هاڻي هو پنهنجي ناڪامين تي ماتم ڪري رهيو آه??، هن چيو ??ه عمران خان 20 لک ماڻهو آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر هو 20 هزار ماڻهو به نه آڻي سگهيو. هن چيو ??ه عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي جمهوري طريقي سان پارليامينٽ کان ٻاهر ڪيو ويو، پارليامينٽ ۽ عوام کيس رد ڪري چڪي آه??، هن چيو ??ه عمران خان ميڊيا هائوسز تي حملا ڪرايا، جيو نيوز جي عمارت تي سندس اح??جاج دوران پٿراءُ ڪيو ويو، سما نيوز جي رپورٽر تي حملو ٿيو، ميڊيا وينز کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي شديد مذمت ڪريان ٿي. هن چيو ??ه عمران خان ذهني مريض ۽ منافق ماڻهو آه??، هو آئين، پارليامينٽ، ميڊيا، عدليه ۽ ادارن تي حملا آور آه??، انا، تڪبر ۽ ضد ايترو آه?? جو هو چاهي ٿو ته ان جو هر ضد پوري ٿئي پر ائين نه ٿيندو،
هن چيو ته پاڪستان جي عوام ترقي چاهي ٿي، سڪون چاهي ٿي، هن چيو ??ه عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وقت ضايع ڪيو، سياسي انتقام ۾ وقت ضايع ڪيو، پاڪستان جي عوام جو وقت ضايع ڪيو، هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان کي اين آر او نه ملندو، ان سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. هن چيو ??ه عمران خان بار بار اليڪشن جي تاريخ گهري رهيو آه?? ته اڄ هو پنهنجي دماغ ۾ اليڪشن جي تاريخ ويهاري ڇڏي، اليڪشن آگسٽ 2023ع ۾ ٿينديون، اليڪشن جو اعلان حڪومت جي آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ڪيو ويندو. هن چيو ??ه عمران خان جيڪڏهن اليڪشن جي تاريخ تي ڳالهيون ڪرڻيون آه?? ته هو گهر ويهي، کيس ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نه آه??، عوام کي وڌيڪ نه ورهائي، وڌيڪ انتشار ۽ فساد نه ڪري، آگسٽ 2023ع تائين انتظار ڪري، هن چيو ته ڪرپٽ، نااهل، چورن ۽ ڪارٽلز مافيا کي هڪ ڀيرو موقعو ملي چڪو آه??، هن چيو ته ملڪ کي هلائڻ جو ٺيڪو ان کي ڏنو ويندو آه?? جنهن وٽ تجربو هجي، نيت هجي، پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ منصوبا هجن جيڪي مسلم ليگ (ن) وٽ آه??، هن چيو ته اڄ يوم تڪبير آه??، اڄوڪي ڏينهن نواز شريف ملڪ جي سلامتي جي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو. نواز شريف ڪنهن دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ دنيا کي ٻڌايو ته ملڪي سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته نواز شريف ملڪ جي عوام ۽ قومي سلامتي لاءِ جيڪو بهتر هو اهو ڪيو، موٽر وي ٺاهي، وفاق جي اڪاين کي موٽر ويز ۽ رستن جي ڄار ۾ پاڻ ۾ ملايو، هن وفاق جي اڪاين کي ورهايو ناهي، نواز شريف اسپتالون ٺاهيون، اسڪول ٺاهيا، پبلڪ ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪيون، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، 14000 ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جا منصوبا ٺاهيا، انهن سمورن منصوبن تي مسلم ليگ (ن) جي مهر آه??.
هن چيو ??ه عمران خان آرام ڪري، سُڪُون جون گوريُون گهرجن ته اسان اسپانسر ڪرڻ لاءِ تيار آه??ون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ هن وقت اهڙو وزيراعظم آه?? جنهن جي اندر انا ۽ تڪبر نه آه??، ان جو هڪ ئي مقصد آه?? ته ملڪ ترقي ڪري ۽ عوام کي رليف ملي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي پوليس جي خلاف مهم هلائي وئي ته ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاڪستان جي عوام کي سدائين شرپسندي کان بچايو، ان جي خلاف ڪنهن به قسم جي مهم شروع ڪئي وئي ته ان تي زيرو ٽالرينس آه??، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آه?? جيڪو 90 سيڪڙو ملڪي آبادي جي نمائندگي ڪري رهي آه??، وفاق جون سموريون ڌريُون ان حڪومت ۾ شامل آه??، وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان پنهنجي رويي ۽ زبان کي بدلائي، ان زبان ۽ رويي سان ساڻس ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.