اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان چين جي وچ ۾ 71 سالا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين مشڪل حالتن جا دوست آهن، ذو??لفقار علي ڀٽو چين پاڪستان لاڳاپن جو معمار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سي پيڪ ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ??ينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي ويا، مارچ 2013ع ۾ گوادر پورٽ کي چين جي تعاون سان آپريشنلائيز ڪيو ويو. سي پي?? جي ذر??عي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، راجا پرويز اشرف چيو ته وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ سان رابطاڪاري لاءِ گوادر پورٽ اهم آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ سي پيڪ منصوبن جي جلد پڄاڻي جي حوالي سان دلچسپي وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص طور بلوچستان ۽ عام طور تي سڄي خطي ۾ سي پيڪ منصوبي جي ذر??عي خوشحالي ايندي، سي پ??ڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ميڊيا جي به ذميداري آهي ته هو سي پي?? جي حوالي سان جعلي خبرن کي جاءِ نه ڏي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا کي هڪٻئي سان مثبت خبرن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته ??يئن سي پي?? جي حوالي سان غلط خبرن ۽ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ??هو سي پيڪ هڪ فلنگ منصوبو آهي ۽ موجوده حڪومت ان کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.