اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن کي ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀ??رتي فوج اسان ڪشميري ڀائرن ڀينرن جو استحصال ڪري رهي آهي. نجڪاري واري وزارت پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀ??رت 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪاري واري وزير چيو ته ڀ??رتي ڏاڍ جي ڪري ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمو??ا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. نجڪاري واري وزير چيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪ??ائ?? جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.